تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار اسد علي شاهه کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

راڻيپور جي عدالت حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ  قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي مک جوابدار اسد علي شاهه کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صحافين ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌمڪين جي ڪيس ۾ جوابدار اڪبر ڪلهوڙو جيل حوالي ڪيو ويو ۽ پير اسد علي شاهه جي ڊرائيور تي ڏوهه ۾ مدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

راڻيپور جي عدالت ۾ حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ  قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو.

ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايڇ او بچل قاضي عدالت کي اپيل ڪندي چيو ته هي ڪيس هاءِ پروفائل ٿي چڪو آهي هن ڪيس کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو وڃي.

پوليس ڪيس ۾ امتياز ميراثي کي به نامزد ڪري ڇڏيو جنهن بعد جوابدارن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو.

پوليس امتياز ميراثي کي به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

عدالت ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

راڻيپور پوليس صحافين ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌمڪين جي ڪيس ۾ جوابدار اڪبر ڪلهوڙي کي ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت جوابدار اڪبر ڪلهوڙو جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

راڻيپور پوليس گرفتار جوابدار اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز قاضي تي مدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

ايس ايڇ او بچل قاضي جي فرياد تي جوابدار اعجاز قاضي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڪيس جي متن موجب، پوليس گشت ڪري رهي هئي ته جوابدار اعجاز قاضي ابل واهه تي پوليس کي ڏسي گهٻرائجي ويو، پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته جوابدار فياض شاهه ۽ حنا شاهه کي گاڏي ۾ کڻي اڻڄاتل هنڌ ڇڏي آيو آهي.

ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار اعجاز قاضي فاطما ڪيس ۾ جوابدارن جي مدد ڪرڻ تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
19 %
5.3kmh
73 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون