نيويارڪ ۾ مسلسل برساتن بعد ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، مسلسل برسات سبب پاڻي بيهڻ سبب روڊ تلائن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي سبب رياست ۾ ايمرجنسي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ رياست ۾ پنجن ڏينهن کان برسات سبب شهر جي مختلف روڊن، پلين تي پاڻي بيهجي ويو ۽ ميٽرو اسٽيشنن ۾ پڻ برساتي پاڻي داخل ٿي ويو آهي.
نيويارڪ ۾ جمعي ۽ ڇنڇر تي وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪرڻ بعد گورنر ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ تي به 3 انچ پاڻي بيهجي ويو آهي، ڏينهن جي پڄاڻي تائين شهر ۾ ست انچ پاڻي بيهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي نيويارڪ ۾ وڏي پئماني تي عام زندگي متاثر ٿيڻ جي وارننگ جاري ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب نيويارڪ شهر جو انفرا اسٽرڪچر ايڏي پاڻيءَ کي منهن نه پيو ڏئي سگهي، جنهن سبب افرا تفري پکيڙجي رهي آهي ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام به سخت متاثر آهي. مسلسل برسات سبب پاڻي بيهڻ سبب روڊ تلائن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ۽ نظام متاثر ٿي ويو آهي.
