تازه ترين

نيو سعيد آباد: ڳوٺ ڀليڏنو ۾ هٿياربندن اوطاق تي ويٺل 2 ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نيو سعيد آباد ويجهو هٿياربندن جي اوطاق تي فائرنگ ۾ ٻه سڳا ڀائر مارجي ويا.

ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ هٿياربندن اوطاق ۾ داخل ٿي  گوليون هڻي  شوڪت ڪاڪا ۽ سندس ڀاءَ محبوب ڪاڪا قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڀائرن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

مقتولن جي ڀاءُ علي شير ڪاڪا جو چوڻ آهي ته برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري سندس ڀائرن کي قتل ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته جوابدار قمر الدين ڪاڪا ۽ سندس ڀائرن اسان جي اوطاق تي حملو ڪري شوڪت ڪاڪا ۽  محبوب ڪاڪا کي قتل ڪيو آهي.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس ڀائرن جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
34 ° C
34 °
34 °
20 %
3.7kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون