نگران حڪومت جو مينڊيٽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ آهي : نگران وزيراعظم

spot_img
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايندڙ مهينن ۾ پاڪستاني عوام نئين حڪومت چونڊيندي، نگران حڪومت جو ڪم آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ آهي.

آمريڪا جي ناليواري ٿنڪ ٽينڪ ڪائونسل آف فارن ريليشنز کي خطاب ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته مستحڪم ۽ جمهوري پاڪستان سندن ترجيح آهي، حڪومت ۾ پاڪستانين جي مڪمل نمائندگي يقيني بڻائيندا.

هن چيو ته بطور نگران وزيراعظم ترجيحي طور تي امريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ 80 امريڪي ڪمپنيون ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهيون آهن، فارن ڊائريڪٽ سيڙپڪاري جي لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل قائم ڪئي آهي، ڪائونسل قائم ڪرڻجو مقصد سيڙپڪاري جي پرڪشش منزل بڻائڻ آهي.

هن چيو ته زراعت، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي پيداوار ۾ سيڙپڪاري چاهين ٿا، امريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي ڀرپور انداز ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آحي، پاڪستاني ڄاوا امريڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

نگران وزيراعظم چيو ته امير غريب ۾ معاشي ورهاست ۽ ڪووڊ نائنٽين جهڙي وبا اربين انسانن کي متاثر ڪيو آهي، امريڪا، پاڪستان گڏيل مفاد جي سمجهوتن کي فائديمند بڻائڻ لاءِ شراڪتداري مضبوط بڻائيندا، پاڪستان هن وقت تائين ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي کي ريڪور ڪري رهيو آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ داعش جهڙيون ڪالعدم تنظيمون پاڪستان ۽ پوري دنيا جي امن لاءِ خطرو آهن ان نئين خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ استحڪام نه آيو ته اهو نه رڳو پاڙيسري ملڪن پر عالمي امن جي لاءِ پڻ چئلينج بڻجي اڀرندو…….

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
14%
1.3m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون