تازه ترين

نگران حڪومت ويندي ويندي عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول 4 رپيا 13 پيسا في لٽر مهانگو

- Advertisement -
نگران حڪومت ويندي ويندي پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي جڏهن ته ڊيزل جو اگهه برقرار رکيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي في لٽر قيمت ۾ 4 رپيا 13 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ نئون اگهه 279 رپيا 75 پيسا في لٽر ٿي ويو. نوٽيفڪيشن موجب، لائٽ ڊيزل جي قيمت 287 رپيا 33 پيسا في لٽر برقرار رکي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ هڪ رپيو 44 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 190 رپيا هڪ پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. لائٽ ڊيزل آئل هڪ رپيو 14 پئسا في لٽر سستو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ان جي نئين قيمت 170 رپيا 30 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، نوان اگهه پهرين مارچ 2024 ٻارهين وڳي کان 15 مارچ تائين برقرار رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون