تازه ترين

نگران حڪومت گيس جي اگهن ۾ اضافو في الحال روڪي ڇڏيو

- Advertisement -
نگران حڪومت گيس جي اگهن ۾ اضافو في الحال روڪي ڇڏيو آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئه ٿيل اجلاس تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران ڪابينا حج پاليسي 2024ع ۽ اينٽي هيومن اسمگلنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا کي غيرقانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ بابت آرڊر تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويوته فارين ايڪٽ 1947ع تحت سمورن صوبن کي بي دخلي جو آرڊر جاري ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته پوليس سميت لاڳاپيل ادارن کي غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي حراست ۾ وٺڻ جو پابند ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران وفاقي ڪابينا گيس جي اگهن ۾ اضافي وارو فيصلو في الحال روڪي ڇڏيو آهي، ڪابينا گيس جي اگهن ۾ اضافي تي توانائي واري وزارت کي وڌيڪ غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن موجب گيس جي اگهن ۾ اضافي بابت ايِ سي سي جي فيصلي جي منظوري نه ٿي سگهي، ڪابينا جلاس ۾ ايِ سي سي فيصلن جي منظوري غور هيٺ به نه آندي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون