تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، معيشت جي مضبوطيءَ لاءِ هنگامي طور قدم کڻڻ جي هدايت

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، معيشت جي مضبوطيءَ لاءِ هنگامي طور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته حڪومت بجلي واهپيدارن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل غير روايتي حل ڳولڻ لاءِ ڪوششان آهي، عام چونڊون آئين موجب جلدد ڪ ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت بجلي جي بلن جو معاملو مالياتي ادارن آڏو رکيو آهي.

هن چيو ته گردشي قرض، بجلي چوري ۽ لائن لاسز وڏا چئلينج آهن، حڪومت احتجاج ڪندڙن کي مايوس ڪندڙن بدران مسئلي جو ڊگهي مدي وارو حل ڳوليندي.

نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بجلي واهپيدارن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل غير روايتي حل ڳولڻ لاءِ ڪوششان آهي.

انوارالحق چيو ته عام چونڊون آئين موجب جلدد ڪ ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، آئين موجب آدمشماريءَ بعد تڪبنديون ضروري آهن.

نگران وزيراعظم چيو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي فوري طور خانگايو ويندو، بجلي ۽ ٽيڪس شعبن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.

ان کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ  توانائي جي معاملن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شمشاد اختر،  توانائي واري نگران محمد علي ۽ توانائي واري وزارت جي عملدارن  شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وزيراعظم کي بجلي جي بلن  سميت گردشي قرض وارن معاملن تي بريفنگ ڏني ۽ بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو.

وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

انوارالحق ڪاڪڙ سان ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ڊاڪٽر شمشاد اختر نگران وزيراعظم کي موجود ملڪي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

وزيراعظم ملڪي معيشت مستحڪم ڪرڻ لاءِ  اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
38 %
0.2kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون