تازه ترين

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات

- Advertisement -
پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ رابطا ۽ عالمي فورمن تي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران انوار الحق ڪاڪڙ، شي جن پنگ کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪاميابي تي  واڌايون ڏنيون. انوار الحق ڪاڪڙ ۽ چيني صدر عالمي سطح تي اڀرندڙ صورتحال ۾ اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪيو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن لاءِ اعليٰ سطح جا رابطا وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۽ چين اعتماد جوڳا ڀائيوار ۽ بهترين دوست آهن. نگران وزيراعظم چين جي اهم معاملن تي پاڪستان طرفان غيرمشروط حمايت جي خاطري ڪرائي. چيني صدر چيو ته چين پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ وڏي اهميت ڏي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
8 %
4.8kmh
31 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون