نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اعليٰ سطحي اجلاس

- Advertisement -
سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪي سلامتي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته سندن جواب اثرائتو ۽ هدف حاصل ڪرڻ تي ٻڌل هو، پاڪستان پرامن ملڪ  ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، نگران گهرو وزير ۽ ٻين شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪ ايران ڇڪتاڻ تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ پرڏيهي وزارت جي اختيارين طرفان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سفارتي  سطح ۽ فوجي اختيارين پاڪ ايران سرحدي صورتحال تي آگاهي ڏني. ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ايراني اڳرائي جي جواب ۾ اثرائتي ڪارروائي تي هٿياربند فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ ڪرڻ جو عزم ورجايو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته پاڪستان پرامن ملڪ  ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپن جو خواهشمند آهي، قومي سلامتي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بنياد تي ڪارروايون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
58%
1.7m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون