تازه ترين

نگران وزيراعظم اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي رهيو آهي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي رهيو آهي جڏهن ته نگران ڪابينا جو اهم اجلاس به اڄ طلب ڪيو ويو آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

ذريعن موجب، صدر عارف علوي جي ٽوئيٽ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي به ڪابينا اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي نگران وزيراعظم ڪابينا اجلاس کانپوءِ هڪ ڏينهن جي دوري لاءِ روانو ٿيندو.

نگران وزيراعظم ڪراچي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀريندو.

انوار الحق ڪاڪڙ گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان به ملاقات ڪندو.

ذريعن دعوى ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد به نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪندو جنهن دوران ڪراچي جي مسئلن  ۽ ايندڙ اليڪشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي……

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
29 %
4.9kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون