نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سيڙپڪاري سميت ٻين معاملن تي اهم فيصلن جو امڪان آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.
ايس آءِ ايف سي اجلاس ۾ فوجي قيادت، چئني صوبن جا وڏا وزير، چيف سيڪريٽريز، وفاقي وزير ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ زراعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي منصوبن بابت غور ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، عملدار واپارين ۽ ٻين اسيٽڪ هولڊرز سان ملاقاتن بابت بريفنگ ڏيندا جڏهن ته نار ملڪن، چين ۽ سعودي عرب جي سيڙپڪاري بابت معاملن تي به غور ڪيو ويندو.
