تازه ترين

نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ  وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ اڄ ملاقات ٿيندي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ  وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض ۾ اڄ ملاقات ٿيندي جڏهن ته پيپلزپارٽيءَ طرفان جسٽس رٽائرڊ تصدق جيلاني ۽ اڳوڻي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني جا نالا ڏنا آهن.

وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ ملاقات اڄ منجهند ٿيندي.

ملاقات دوران ٻئي اڳواڻ نگران وزيراعظم لاءِ نالن بابت صلاح مشورا ڪندا.

وزيراعظم  ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ طرفان 3، 3 نالا غور هيٺ ايندا.

نگران وزيراعظم لاءِ حفيظ شيخ، شاهد خاقان عباسي ۽  جسٽس رمدي جا نالا سامهون آيا هئا، پر هاڻي پيپلزپارٽيءَ به جسٽس رٽائرڊ تصدق جيلاني ۽ اڳوڻي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني جا نالا ڏنا آهن.

ذريعن موجب نگران وزيراعظم لاءِ جليل عباس جيلاني مضبوط اميدوار آهي.

آئين جي آرٽيڪل 224 تحت ٽن ڏينهن ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻو آهي.

اتفاق راءِ جي صورت ۾ اڄ ئي نگران وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.

وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ اتفاق نه اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽيءَ ڏانهن ويندو اتي به فيصلو نه ٿيو ته نگران وزيراعظم جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
39 %
3.7kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون