نيو يارڪ ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان چيني نائب صدر هان زهينگ ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي وارن معاملن، سي پيڪ ۽ مالياتي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن، نگران وزيراعظم جو چوڻ آهي ته چين والاريل ڪشمير ۾ جي 20 اجلاس جي مخالفت ڪري اصولي موقف اختيار ڪيو.
نيو يارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس جي سائيڊ لائن تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان چيني نائب صدر هان زهينگ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي وارن معاملن، سي پيڪ ۽ مالياتي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته چين والاريل ڪشمير ۾ جي 20 اجلاس جي مخالفت ڪري اصولي موقف اختيار ڪيو.
چيني نائب صدر هان زهينگ جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان جي بنيادي مفادن جي تحفظ جي ڪوششن کي جاري رکندو.
چيني نائب صدر، نگران وزيراعظم انوار الحق طرفان ڏنل پاڪستان جي دوري جي دعوت به قبول ڪئي.


