- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ زيورخ پهچي ويو.
نگران وزيراعظم جي زيورخ آمد تي جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي بلال احمد، پاڪستاني سفير عامر شوڪت ۽ ٻين آڌر ڀاءُ ڪيو.
نگران وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي مختلف موضوعن تي ٻڌل تقريرن ۾ شرڪت ڪندو.
انوار الحق ڪاڪڙ ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين پرامس جي موضوع تي تقريب ۾ خطاب به ڪندو.
نگران وزيراعظم عالمي سياسي شخصيتن، سيڙپڪارن ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو………- Advertisement -
