- Advertisement -
شڪارپور پوليس وقت سر ڪامياب ڪارروائي ڪري لاڙڪاڻي جي 21 رهواسين کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.
شڪارپور پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع مليو ته هڪ شڪي وين ماڻهن کي کڻي ڪچي واري علائقي ڏانهن وڃي رهي آهي.
ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جي هدايتن تي ڊي ايس پي خانپور ۽ ايس ايڇ او رستم فوري طور تي رستم ٿاڻي جي حد چمن پل پهچي علائقي واسين جي مدد سان ڏوهارين سان مقابلي بعد وين ۾ سوار سمورن ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.
شروعاتي جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته وين ۾ سوار لاڙڪاڻي واسي 21 ڄڻا ٻن ماڻهن جي پلان موجب دبئي ۾ نوڪري وٺڻ لاءِ عرب شهزادن کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا.
جاچ موجب پلان تيار ڪندڙ ماڻهو پاران ڏنل گائيڊ وين ۾ سوار ماڻهن کي ڪچي طرف وٺي وڃي رهيو هو، ته رستي ۾ موٽرسائيڪلن تي سوار ماڻهن وين کي قبضي ۾ وٺي 21 ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اهڙو اطلاع ملڻ تي علائقي واسين جي مدد سان وقت سر ڪارروائي ڪري وين ۾ سوار سمورن ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي منصوبي ۾ ملوث ٻن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب بازياب ٿيلن ۾ رسول بخش سنديلو، ذيشان ڪورائي، آصف بروهي، محمد هاشم بروهي، جواد بروهي، مجاهد، عبدالحق، راشد مهر، فاروق ڀٽو، محراب ڀٽي، عبدالوحيد ابڙو، وحيد علي ڪلهوڙو، زرياب ڪلهوڙو، واجد علي ڪلهوڙو، احسان علي ڪلهوڙو، اظهر علي لاشاري، نثار علي سولنگي، ڪامران علي ڏاهري، سهيل احمد، مدثر ڪلهوڙو ۽ مير حسن شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيڻ کان بچي ويل ماڻهن کي وارثن حوالي ڪيو، جنهن تي مغوين جي وارثن شڪارپور پوليس جا ٿورا مڃيا.
ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايس پي شڪارپور پاران پوليس ٽيم لاءِ روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي.
شڪارپور پوليس پاران شهرين کي پيغام ڏنو ويو آهي ته هو اغوا ڪندڙن جي اهڙي فريب ۾ ڦاسڻ کان احتياط ڪن ۽ ڪنهن به شڪي منصوبي جو شڪار ٿيڻ کان پاسو ڪن.- Advertisement -
