- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاران صوبي ۾ خراب ٿيندڙ امن امان جي صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي خط لکي ڇڏيو.
نگران وڏي وزير پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي وڏن شهرن سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ روزانو واڌ ٿي رهي آهي، چونڊ وڙهندڙ اميدوارن تي حملا ۽ ڏينهن ڏٺي اغوا جا واقعا پيش اچي رهيا آهن.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته صوبي جي امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال باوجود قانون نافذ ڪندڙ ادارا خاموش ڇو آهن؟.
سندس چوڻ هو ته معاشري ۾ عورتن، ٻارڙن ۽ پيرسن شهرين کي ڏوهن سبب گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته صحافي، وڪيل، ڊاڪٽر، واپاري ۽ سرمائيدارن جي مال ۽ جان کي خطرو آهي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته صوبي ۾ وڌندڙ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن.
نگران وڏي وزير چيوته آئين ۾ درج ٿيل شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي هرصورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.- Advertisement -
