- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان آسٽريا جي سفير مسز اينڊريا ويڪي ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ڪيون.
نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ انرجي، ڊيري انڊسٽري ۽ ٻين سيڪٽرز ۾ سيڙپڪاري جا موقعا آهن.
سفير مسز اينڊريا ويڪي جو چوڻ هو ته آسٽريا پاڪستان ۾ آئل انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا چانور تمام سٺا آهن.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته موسمياتي تبديلين سبب سڌ ٻوڏ جي صورت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي، اڃاتائين متاثرن جي بحالي تي ڪم هلي رهيو آهي……..- Advertisement -
