تازه ترين

ن ليگ جو قائد نوازشريف چئن ورهين کانپوءِ پاڪستان پهچي ويو

- Advertisement -
ن ليگ جو قائد نوازشريف چئن ورهين کانپوءِ پاڪستان پهچي ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو خاص چارٽر جهاز اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جتي ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار ۽ اعظم نذير تارڙ   نوازشريف جي آجيان ڪئي. ڏيهه واپسيءَ تي نوازشريف جي قانوني ٽيم اسلام آباد ۾ مووجد هئي، ايئرپورٽ تي اسٽيٽ لائونج ۾ اڳوڻي وزيراعظم جا ن ليگ جي قانون ٽيم سان صلاح مشورا ٿيا، جنهن بعد نوازشريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيا ريفرنسن ۾ سزا خلاف اپيليون بحال ڪرڻ واري درخواست تي صحيحون ڪيون. نوازشريف اسلام آباد کان خاص هيليڪاپٽر ذريعي لاهور پهتو، شاهي قلعي پهچڻ بعد نوازشريف نماز ادا ڪئي ۽ شهبازشريف، اسحاق ڊار ۽ ٻين سان گڏ قافلي جي صورت ۾ جلسي گاهه پهتو. جلسي جي اسٽيج تي پهچڻ تي ڪارڪنن نوازشريف جي شاندار آجيان ڪئي ۽ هو اڳواڻن سان مليو، نوازشريف پنهنجي نياڻي مريم نواز سان مليو ته ٻئي پيءُ ڌيءَ لڙڪ لاڙي ويٺا ۽ ڪارڪنن پرجوش انداز ۾ نعرا هڻي نوازشريف جي آجيان ڪئي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
30 %
1.7kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون