تازه ترين

ن ليگ خلاف جڏهن به سازش ڪئي وئي ملڪ حادثي جو شڪار ٿيو: مريم اورنگزيب

- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ن ليگ خلاف جڏهن به سازش ڪئي وئي ملڪ حادثي جو شڪار ٿيو، ن ليگ جي مخالفن به نواز شريف جي ڳالهين جي ساراهه ڪئي آهي، عوام کي يقين آهي ته ملڪ کي ڏکيائن مان نواز شريف ئي ڪڍي سگهي ٿو، 2017ع ۾ هڪ شخص کي ڪڍڻ خاطر ملڪ مان خوشحالي ۽ ترقي کي ئي نيڪالي ڏني وئي، سموري صورتحال کان عوام چڱي ريت واقف آهي، اڄ نوجوانن کي روزگار جي ضرورت آهي، نواز شريف نوجوانن کي هٿن ۾ پيٽرول بم ڏيڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ڏکيائين ۾ وڪوڙيل ملڪ کي نواز شريف ئي ڪڍندو، اڄ نوجوانن کي روزگار جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپن جي ڳالهه ڪئي، هن چيو ته سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف چيو ته جڏهن به ملڪ تي راتاهو هنيو ويو ان جو نتيجو عوام ڀوڳيو، ن ليگ خلاف جڏهن به سازش ڪئي وئي ملڪ حادثي جو شڪار ٿيو. هن چيو ته ن ليگ جي مخالفن به نواز شريف جي ڳالهين جي ساراهه ڪئي آهي، عوام کي يقين آهي ته ملڪ کي ڏکيائن مان نواز شريف ئي ڪڍي سگهي ٿو. مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته 2017ع ۾ هڪ شخص کي ڪڍڻ خاطر ملڪ مان خوشحالي ۽ ترقي کي ئي نيڪالي ڏني وئي، سموري صورتحال کان عوام چڱي ريت واقف آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
30 %
1.7kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون