ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي وفد جي خالد مقبول صديقي جي رهائشگاهه آمد

spot_img
مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي وفد ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪري سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان موجب، وفد ۾ پرڏيهي وزير وفاقي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. ترجمان جو چوڻ هو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي وفد پاڪستان ايم ڪيو ايم پاڪستان سان سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي. ترجمان موجب، خالد مقبول صديقي وفد کي مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل اميدوارن جي حمايت جي خاطري ڪرائي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون