- Advertisement -
مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي وفد ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪري سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان موجب، وفد ۾ پرڏيهي وزير وفاقي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻيا شامل هئا.
ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا.
ترجمان جو چوڻ هو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي وفد پاڪستان ايم ڪيو ايم پاڪستان سان سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي.
ترجمان موجب، خالد مقبول صديقي وفد کي مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل اميدوارن جي حمايت جي خاطري ڪرائي.- Advertisement -
