- Advertisement -
هارين جي حق لاءِ جاکوڙيندڙ شهيد فاضل راهو جي 37هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي.
شهيد فاضل راهو جي ورسي جي حوالي سان راهوڪي ۾ ادبي سمينار ٿي گذريو جنهن جي صدارت جي اين مغل، ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر، پروفيسر طفيل چانڊيو، اڪبر سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪري فاضل راهوءَ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد فاضل راهو سنڌ جو عاشق هو، هن هميشه غريب مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي.
سندن چوڻ هوته فاضل راهو هڪ ڪردار هو جيڪو هميشه ياد ڪيو ويندو آخر ۾ محفل موسيقي ٿي جنهن ۾ الھڏنو جوڻيجو، صوفي نارائڻ ۽ ٻين پاران فاضل جي ڪيل جدوجهد تي سر وکير.
ٻئي پاسي راهوڪي ۾ پيپلزپارٽي طرفان اڄ جلسو ٿيندو جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا….- Advertisement -
