ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال اليڪشن ڪرائڻ سان پاڪستان جي معيشيت کي سنڀالي سگهجي ٿو، مالي سال 2024ع دوران چونڊن سان پاڪستان جي معيشيت کي اعتماد ملندو، توانائي جي قيمت ۾ اضافي ۽ رپئي جي ملڪ ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي وڌڻ جو خدشو آهي، هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معيشيت جي ترقي جي شرح هڪ ڏهائي 9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، معاشي ترقي جي شرح ۾ مستحڪم گروٿ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ضروري آهي.
پاڪستان جي معيشيت بابت پنهنجي رپورٽ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو ته مالي سال 2024ع دوران چونڊن سان پاڪستان جي معيشيت کي اعتماد ملندو، توانائي جي قيمت ۾ اضافي ۽ رپئي جي ملڪ ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي وڌڻ جو خدشو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معيشيت جي ترقي جي شرح هڪ ڏهائي 9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، معاشي ترقي جي شرح ۾ مستحڪم گروٿ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ضروري آهي.
ايشيائي ترقياتي بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته هلندڙ مالي سال مهانگائي جي مجموعي شرح 25 سيڪڙو تائين رهندي، مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ ۽ پاور سيڪٽر ۾ سڌارا ضروري آهن، مستحڪم معاشي گروٿ لاءِ حڪومتي ملڪيتي ادارن ۾ سڌارا به ضروري آهن.
ايشيائي ترقياتي بينڪ جي رپورٽ موجب، گذريل مالي سال پاڪستان جي معيشيت کي ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پيو جنهن سبب مهانگائي ۽ ترقي جي شرح گهٽ رهي، مستحڪم گروٿ لاءِ ايشياتي ترقياتي بينڪ جي پاڪستان جي اڪانامي لاءِ ڀائيواري جاري رهندي……


