ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال چونڊون ڪرائڻ سان پاڪستان جي معيشت کي منظم ڪري سگهجي ٿو.
معيشت بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ٿيندڙ چونڊون پاڪستان جي معيشت کي اعتماد ڏيارينديون.
رپورٽ موجب توانائي جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي، مهانگائي جو خطرو آهي، پاڪستان جي معيشت جي ترقي جي شرح 1.9 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.
جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته معاشي ترقي جي شرح ۾ مستحڪم واڌ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ ضروري آهي، مهانگائي جي مجموعي شرح هلندڙ مالي سال 25 سيڪڙو تائين رهندي، مالياتي انتظامن ۾ سڌارا، مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ ۽ پاور سيڪٽر ۾ سڌارا شامل آهن. معاشي ترقيءَ لاءِ سرڪاري ادارن ۾ سڌارا به ضروري آهن.
رپورٽ ۾ اهو چيو ويو آهي ته گذريل مالي سال پاڪستان جي معيشت کي ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن سبب مهانگائي ۽ ترقي جي شرح گهٽ رهي.


