سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته هو جسم چيئرمين رياض چانڊيو ۽ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهرن تي ڇاپن، چادر چوديواري جي تقدس جي لتاڙ ۽ سندن گرفتاري جي مذمت ڪن ٿا، هو مطالبو ڪن ٿا ٻنهي اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه چيو آهي ته هو جسم چيئرمين رياض چانڊيو ۽ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهرن تي ڇاپن، چادر چوديواري جي تقدس جي لتاڙ ۽ سندن گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته هو هن قدم کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏين ٿا، حڪومت جو آمراڻو ۽ غيرجمهوري قدم قرار ڏين ٿا، هي قدم مذمت جوڳو ۽ هر طرح سان قبول ڪرڻ جوڳو ناهي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته حڪومت جو رويو غير آئيني ۽ غير جمهوري آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت سياسي مخالفن جي گرفتارين ذريعي پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿي، هو مطالبو ڪن ٿا رياض چانڊيو ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
