- Advertisement -
پ پ جي سينيئر اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته هو ذاتي طور تي پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ واري فيصلي تي خوش ناهي، هو دل سان چاهي پيو ته هنن کي بيٽ جو نشان ملڻ گهرجي ها.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽيءَ کان تلوار جو نشان کسيو ويو، تنهنڪري تير جو نشان وٺڻو پيو، پي ٽي آءِ کي گڏيل طور تي نشان ملڻ گهرجي ها.
هن چيو ته ڪنهن به هائيڪورٽ جو فيصلو سڄي ملڪ تي لاڳو نٿو ٿي سگهي، عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ وٽ دليل ۽ ثبوت نه هئا.
پيپلز پارٽي اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف بهتر طريقي سان انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائي سگهي پئي پر ائين نه ٿيو، بلاول ڀٽو زرداري ڪيترائي ڀيرا چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ سڀني کي ملڻ گهرجي.
ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته آئيني ۽ قانوني طور تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو بلڪل درست آهي، چيف جسٽس کي هو سلام پيش ڪري ٿو……….- Advertisement -
