- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته هو صوبي جي ترقي جا خواهشمند آهن، چاهين ٿا ته سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو سڀ کان وڏو مرڪز بڻجي وڃي.
ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ سنڌ هڪ مثال ٿي ويندو.
هن چيو ته نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏئي روزگار ڏنو ويندو، جيستائين نون ماڻهن کي جاءِ نه ملندي معاشي ختم نه ٿي سگهندو.
سندس چوڻ هو ته نون ماڻهن جي پلان کي شامل ڪرڻو پوندو تڏهن ئي ترقي ممڪن آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون وڃن ته پهريون راءِ ضرور ورتي وڃي، پنجن سالن کانپوءِ آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ ۾ سنڌ جو وڏو حصو هوندو.
هن چيو ته ايس آءِ ايف ۾ آءِ ٽي کي شامل ڪيو ويو، اهڙي قدم تي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جا ٿورائتا آهن، پرڏيهي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، آءِ ٽي ڪورسز جو ڄار سنڌ ۾ وڇايو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته سندن ٽارگيٽ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 10 لک ٻارڙن کي آءِ ٽي ڪورس ڪرايا وڃن، حيدرآباد ۾ 35 کان 40 هزار ٻارڙن ٽيسٽ ڏني آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته هو حڪومت کان گهرندا نه پر کين ڊالر ڏيڻ وڃي رهيا آهن- Advertisement -
