تازه ترين

اسلام آباد ۾ جديد آءِ ٽي پارڪ ذريعي سموري ملڪ کي فائدو ٿيندو: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ جديد آءِ ٽي پارڪ ذريعي سموري ملڪ کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم اڏاوت هيٺ آءِ ٽي پارڪ جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته پهرين آءِ ٽي پارڪ جي اڏاوت سان سڄي ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان  نوجوانن کي هنر جا بهترين موقعا ملندا. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير طور هن ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم جو نظام متعارف ڪرايو، پاڪستان کي ترقيءَ جي بلندين تي پهچائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي پارڪ جي تعمير تي 25 ارب رپيا خرچ ٿيندا، ستر سيڪڙو لاڳت ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ڏيندي، 8 فيبروري جي اليڪشن بعد حڪومت آءِ ٽي پارڪ جي منصوبي بابت گڏجاڻي ڪئي،. شهبازشريف چيو ته آءِ ٽي پارڪ ۾ تحقيق ۽ ترقي لاءِ آءِ ٽي ليبارٽيريون به قائم ڪيون وينديون، ملڪ ۾ هڪ هزار ايِ روزگار سينٽر به قائم ڪيا ويندا، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون