- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو نفرت جي سياست کي ختم ڪرڻ لاءِ چونڊ وڙهي رهيو آهي، کيس 4 نه پر رڳو هڪ ڀيرو موقعو ڏنو وڃي، هو ملڪ جي تقدير تبديل ڪري ڏيکاريندو.
ساهيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سندن منشور ۾ گارگند ۽ نفرت واري سياست جي ڪابه گنجائش ناهي.
سندس چوڻ هو ته پراڻي سياست جي خاتمي لاءِ پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪرايو وڃي، پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا سمورن مسئلن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي.
هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ غربت وڌي وئي آهي، معاشري ۾ ورڇ پکڙجي رهي آهي، پاڪستانين کي هڪٻئي سان وڙهايو پيو وڃي، هو پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ته مخالف فائدو حاصل ڪندا.
سندس چوڻ هوته ملڪ کي شهيدبينظيرڀٽو جي نظريي جي ضرورت آهي، سندن منسور ۾ گارگند ۽ نفرت واري سياست جي ڪا به گنجائش ناهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيدذوالفقار علي ڀٽو هارين ۽ غريبن لاءِ ڪم ڪيو، کين به هاڻي ائين ئي ڪرڻو پوندو، پيپلزپارٽي کي حڪومت ملي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌائي غريبن کي رليف ڏنو ويندو.
سندس چوڻ هوته پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته هارين کي فصلن جو مناسب اگهه ملندو، هارين لاءِ انشورنس جو پروگرام آڻيندا.
پ پ چيئرمين چيو ته فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ امير طبقي کي اربين رپين جي سبسڊي ملي ٿي، هو اها سبسڊي بند ڪرائي غريب هارين کي رليف فراهم ڪندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر ضلعي ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون وينديون، کيس 4 نه پر هڪ ڀيرو موقعو ڏنو وڃي، هو ملڪ جي تقدير تبديل ڪري ڇڏيندو.
پ پ چيئرمين چيو ته هاڻي رڳو ٻه پارٽيون آهن سياسي انتقام ۽ نفرت لاءِ شينهن کي ووٽ ڏنو وڃي، نئين قيادت لاءِ تير تي ٺپو هني پ پ کي ڪامياب ڪرايو وڃي.
هن چيو ته هو اقتدار ۾ اچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو مشن پورو ڪندا، رڳو غريبن کي ئي رليف ملندو.- Advertisement -
