تازه ترين

هو نواز شريف سان مناظري ۽ معائني لاءِ تيار آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو نواز شريف سان مناظري ۽ معائني لاءِ تيار آهي، ميان صاحب هاڻي ڀڄڻ وارو رستو اختيار نه ڪري ۽ ٻڌائي ته ڪهڙي شهر ۽ ڪهڙي تاريخ تي مناظرو ڪندو. شهباز شريف جي ٽوئيٽر تي جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوازشريف خيرپور ضلعي جي گمبٽ شهر ۾ مناظرو ڪري جتان جي اسپتال پنجاب جي ڪنهن به اسپتال کان بهتر آهي، ميان صاحب ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿيڻ باوجود گمبٽ جو دورو ناهي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف ٿرپارڪر ۾ مناظرو ڪري ته جيئن کيس اتان جي انفراسٽرڪچر جو به معائنو ٿي ويندو ۽ چولستان ۽ ٿر جي ڀيٽ به ٿي ويندي. هن چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي جي منصوبي جنهن جي نواز شريف ۽ شهباز شريف مخالفت ڪندا هئا، ڪراچي نه پر فيصل آباد کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته نواز شريف ڪراچي جي اين آءِ سي وي ڊي جي ٻاهران مناظرو ڪري جتي گذريل سال پنجاب جي 84 هزار 390 ماڻهن جو علاج ٿيو. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ پنجاب واسين جو علاج ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پنجاب جي اسپتالن ۾ علاج جون سنڌ جهڙيون سهولتون موجود نه آهن . بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته نوازشريف ڀڄڻ وارو رستو اختيار نه ڪري ۽ ٻڌائي ته ڪهڙي شهر ۾ ۽ ڪهڙي تاريخ تي مناظرو ڪندو؟
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
54 %
4.2kmh
0 %
خميس
34 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون