هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ايراني صدر ابراهيم رئيسي مشهد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

- Advertisement -
هليڪاپٽر  حادثي ساٿين سميت فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي مشهد ۾ امام رضا جي روضي جي اڱڻ ۽ پرڏيهي وزير امير  عبداللهيان کي تهران ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ايراني ميڊيا موجب خميس ڏينهن منجهند ٽين وڳي صوبائي گادي واري شهر مشهد جي هوائي اڏي تي صدر ابراهيم رئيسي ۽ سندس سانٿين جا تابوت پهتا ته لکين ماڻهن ڪارا ويس پهري سندس آجيان ڪئي ۽ اکين مان لڙڪ لاڙيندا رهيا. سوڳوارن صدر جون تصويرون کڻي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان کان اڳ  رئيسي ۽ سندس ساٿين جي ڏکڻ خراسان صوبي جي شهر بيرجند ۾ شاندار آجيان ڪئي وئي، جتان هون مارچ ۾ اوڀر صوبي جي نمائندي طور چونڊيو ويو هو. تقريبن جي پڄاڻيءَ بعد ابراهيم رئيسي کي مشهد ۾ امام رضا جي روزي جي اڱڻ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني پرڏيهي امير عبداللهيان کي تهران شهر جي ڏکڻ ۾ شاهه عبدالعظيم جي مزار وٽ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس آخري رسمين ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ کيس شهيد قرار ڏنو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
16%
3.7m/s
0%
جمعو
28 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون