- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ ايران آمريڪا کان مدد جي درخواست ڪئي پر لاجسٽڪ سببن جي ڪري آمريڪا اها درخواست قبول نه ڪري سگهيو.
آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر هڪ پريس بريفنگ دوران مدد بابت تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته خراب موسم ۾ 45 سال پراڻو هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ واري فيصلي جي ذميوار ايراني حڪومت آهي.
ميٿيو ملر چيو ته هو ايران تي لڳل پابندين تي ڪنهن به صورت ۾ معذرت نه ڪندا.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ايراني حڪومت پنهنجا جهاز دهشتگردي جي حمايت لاءِ استعمال ڪيا، ايراني حڪومت خلاف پابنديون جاري رهنديون.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي تي سرڪاري تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ نئين صدر جي چونڊ ٿيندي،هو ايراني عوام جي انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪن ٿا.
ٻئي پاسي امريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن جو چوڻ آهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر حادثي جو جائزو ورتو پيو وڃي.
آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته آمريڪا اڃا تائين ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر جي ڪري تباهه ٿيڻ جا سبب معلوم نه ٿي سگھيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هو ايران ۾ صدر جي هيلي ڪاپٽر کي پيش ايندڙ حادثي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ اهو به جاچ ڪري رهيا آهن ته جاچ جو نتيجو ڇا نڪرندو آهي.- Advertisement -
