- Advertisement -
گذريل ڏينهن هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير امير عبداللهيان جي جنازي نماز اڄ تبريز ۾ ادا ڪئي ويندي.
مشهد ۽ قـُم سميت مختلف شهرن ۾ ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي تي شهري سوگوار آهن، ايران ۾ قومي سانحي تي اڄ پنج ڏينهن سوڳ ملهايو ويندو.
ابراهيم رئيسي جو مڙهه جنازي نماز کانپوءِ تهران منتقل ڪيو ويندو جڏهن ته سندس تدفين اباڻي شهر مشهد ۾ ڪئي وينيد.
ٻئي پاسي ايران جي سرڪاري ميڊيا حادثي کي هيلي ڪاپٽر ۾ فني خرابي قرار ڏيندي چيو آهي ته هيلي ڪاپٽر جو ملبو ايراني ڊرونز ذريعي جهنگ ۽ جابلو علائقي مان مليو آهي.
هوڏانهن ٻئي طرف نائب صدر محمد مخبر صدارتي عهدو سنڀالي ورتو آهي، جڏهن ته ايران جي جوهري ڳالهين واري علي باغريني کي قائم مقام پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.
ايران ۾ صدارتي چونڊون 28 جون تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جي صدارتي آفيس 28 جون تي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايراني آئين موجب صدارتي چونڊون 50 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن.
ايران جي نائب صدر جي صدارت هيٺ ٿيل سپريم ڪائونسل ۾ 14 هين صدارتي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽين جي قيام، اميدوارن جي رجسٽريشن، اشتهارن ۽ پولنگ جي عمل سميت چونڊ عمل جي وقت جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته نئين صدر جي چونڊ لاءِ گارڊين ڪائونسل جي ابتدائي معاهدي موجب 28 جون تي چونڊون ڪرايون وينديون. .
واضح رهي ته گذريل ڏينهن هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.- Advertisement -
