تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ تيار آهي، هر خطري جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو : آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ تيار آهي، هر خطري جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير نارووال ۽ سيالڪوٽ جو دورو ڪيو، آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر گجرانوالا ۽ آءِ جي ٽريننگ آڌرڀاءُ ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف فيلڊ ٽريننگ ايڪسرسائز جو معائنو ڪيو ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، جنرل عاصم منير کي مشقون ڪرائڻ ۽ مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سڄو ڏينهن فوجي جوانن سان گڏ گذاريو. آءِ ايس پي آر موجب، مشقن جو مقصد اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پيشواراڻي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي، مشقن ۾ انفينٽري، مشيني دستن، آرمڊ، ايئر ڊفينس ۽ اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل يونٽس شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سمورن يونٽس منظم آپريشن بابت فائر پاور جو مظاهرو ڪيو، مشقن ۾ اليڪٽرانڪ جنگي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو به ڪيو ويو، دشمن جي مواصلاتي ذريعن ۾ رخنو وجهڻ جون مشقون پڻ ڪيون ويون. آرمي چيف چيو ته هٿياربند فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ وطن جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. جنرل عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ تيار آهي، هر خطري جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون