تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ هٿياربندن گوليون هڻي ستن ڄڻن کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ هٿياربندن گوليون هڻي ستن ڄڻن کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو. گوادر جي علائقي سربندر ۾ فش هاربر ويجهو رهائشي ڪوارٽر ۾ هٿياربندن داخل ٿي فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ ست ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۽ زخمي جو تعلق پنجاب جي ضلعي خانيوال سان ٻڌايو پيو وڃي. سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گوادر ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي 7 ڄڻن جي قتل تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هو ڏک جي گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن سان گڏ بيٺل آهن، معصوم ماڻهن جي جانين سان کيڏندڙ وحشي انسان سڏرائڻ جو حقدار ناهن، هو دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ لانگو گوادر جي علائقي سربندر ۾ بيگناهه پورهيتن جي قتل جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ لانگو چيو ته پورهيتن جو قتل دهشتگردي آهي، هٿين خالي مزدورن جو قتل بزدلاڻو قدم آهي، دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، واقعي جي سمورن رخن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ملوث دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گوادر ۾ ستن پورهيتن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته بيگناهه مزدورن جو قتل دهشتگردي آهي، واقعي ۾ ملوث وحشين کي انجام تائين پهچايو وڃي، پاڪستاني قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
31 %
1.4kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون