هڪ ڪاغذ هڪ پارٽي لاءِ فائدو ۽ ٻئي خلاف هوندو آهي، سڄ چيو آهي رڳو الله تعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو : چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

- Advertisement -
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ماحوليات تي سڀني کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، مارگلا هل تي قائم ريسٽورنٽن خلاف فيصلو  ڏيڻ تي سندس نياڻي شڪايت ڪئي، جهنگلي جيوت جي گهرن کي ڊاهي پنهنجو ڪاروبار نه ٿو ڪري سگهجي، زندگيءَ ۾ سندس گهر واري کي ويٽو پاور حاصل آهي، بلوچستان جي مشڪل علائقن ۾ گهر واري ساڻس گڏ رهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مان ۾ فل ڪورٽ ريفرنس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سميت 16 ججن، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، سندس گهرواري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته کيس هڪ ڀيري ڪال آئي ته چيف جسٽس سڏي رهيو آهي، کيس لڳو ته چيف جسٽس ڇنڊ پٽيندو ڇو ته هو انگريزي اخبار ۾ لکي رهيو هو پر هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪوبه جج ناهي، اوهان چيف جسٽس بڻجو. سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس بلوچستان بڻجڻ بعد زندگي بدلجي وئي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪم ڪيو، ماڻهن کي خبر آهي، بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ان ۾ سندس گهرواري جو ڪردار هو پر گهرواري چيو نالو نه آندو ويندو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪڏهن به ڪاز لسٽ ٺاهڻ ۾ مداخلت نه ڪئي، ٿي سگهي ٿو ڪيترائي فيصلا غلط ڪيا هجن، هڪ ڪاغذ هڪ پارٽي لاءِ فائدو ۽ ٻئي خلاف هوندو آهي، سڄ چيو آهي رڳو الله تعاليٰ ئي ڄاڻي ٿو. هن چيو ته انصاف ڏيڻ سندن فرض آهي، سندس آزادي ۾ ڪجهه ڪلاڪ رهجي ويا آهن، ماحوليات تي سڀني کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مارگلا هل تي قائم ريسٽورنٽن خلاف فيصلو  ڏيڻ تي سندس نياڻي شڪايت ڪئي، جهنگلي جيوت جي گهرن کي ڊاهي پنهنجو ڪاروبار نه ٿو ڪري سگهجي، زندگيءَ ۾ سندس گهر واري کي ويٽو پاور حاصل آهي، بلوچستان جي مشڪل علائقن ۾ گهر واري ساڻس گڏ رهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
26%
5.6m/s
0%
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون