- Advertisement -
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو، هنڊريڊ انڊيڪس ۾ هڪ هزار 77 پوائنٽس جي اضافي بعد ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، هنڊريڊ انڊيڪس 90 هزار جي نفسياتي حد پار ڪري وئي، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 38 پيسا سستو ٿيڻ بعد 277 رپيا 46 پيسا ٿي ويو.
ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد سبب هنڊريڊ انڊيڪس ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
هنڊريڊ انڊيڪس ۾ هڪ هزار 77 پوائنٽس جي اضافي بعد 90 هزار جي نفسياتي حد پار ڪري وئي.
انٽر بينڪ ۾ ڊالر 38 پيسا سستو ٿيڻ بعد 277 رپيا 46 پيسا ٿي ويو.- Advertisement -
