- Advertisement -
والاريل فلسطين جي علائقي غزه ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي جارحيت کي 200 ڏينهن مڪمل ٿي ويا.
غزه جي صحت واري وزارت موجب 200 ڏينهن دوران غزه تي اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 34 هزار 183 ماڻهو شهيد ۽ 77 هزار 143 زخمي ٿيا آهن.
غزه ۾ اسرائيلي جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر عورتون ۽ ٻار ٿيا، هن وقت تائين 14 هزار 500 کان وڌيڪ ٻار ۽ 9 هزار 500 عورتون شهيد ٿي چڪيون آهن.
عرب ميڊيا موجب 200 ڏينهن ۾ اسرائيل غزه تي 75 هزار ٽن ڌماڪيدار مادو وسايو جنهن سبب غزه جي پٽي جو اڪثر سول انفراسٽرڪچر ملبي جو ڍير بڻجي ويو .
7عرب ميڊياموجب، يهودي فوج جي حملن غزه ۾ 3 لک 80 هزار 000 کان وڌيڪ گهر ۽ 412 تعليمي ادارا تباهه به تباهه ٿي ويا.
اسرائيلي فوج اسپتالن کي بخش نه ڪيو، حملن غزه ۾ 32 اسپتالن ۽ 53 صحت مرڪزن کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته 126 ايمبولينسز کي به نشانو بڻايو ويو.
فلسطيني ميڊيا آفيس موجب اسرائيلي جنگ جي نتيجي ۾ غزه ۾ ٿيندڙ نقصان جو اندازو 30 ارب ڊالر آهي.
ٻئي پاسي غزه مان اجتماعي قبرون هٿ اچڻ جو سلسلو جاري آهي، خان يونس ۾ اجتماعي قبرن مان وڌيڪ 35 لاش هٿ آيا آهن.
مظلوم فلسطينين تي اسرائيلي وحشيانن حملن کي 200 ڏينهن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ سعودي عرب غزه ۾ اجتماعي قبرون ملڻ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ هو ته غزه ۾ اجتماعي قبرون ملڻ واري جي خبر انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.
ٻئي پاسي سعودي عرب به غزه جي علائقي خان يونس ۾ النصر اسپتال ويجهو اجتماعي قبرن جي دريافت جي خبر تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي عمل جي سخت مذمت ڪئي آهي.
سعودي عرب چيو ته اسان سمجهون ٿا ته عالمي برادري غزه ۾ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي اسرائيل کي احتساب لاءِ ڪو ميڪنزم فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي وڌيڪ خلاف ورزين جو سبب بڻجندي.- Advertisement -
