- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته واپار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي، خانگي شعبي جي مڪمل حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهن، معاشي بحالي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي معاشي بحالي لاءِ حڪومتي قدمن جي واکاڻ ڪئي آهي، حڪومتي ڪوششن سان معاشي استحڪام سٺو سنوڻ آهي.
ڪراچيءَ ۾ سڪيورٽي ايڪسچينج جي نگراني هيٺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته سڀ بهتر جون خبرون اچي رهيون آهن، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان اهم ملاقات ٿي، ڪرسٽالينا جارجيوار آءِ ايم ايف پروگرام بابت پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ٽيڪسيشن، انرجي ۽ ايس او ايز ۾ سڌارن بابت ڳالهيون ٿيون، ڪرسٽالينا جارجيوار سان معاشي ترقي ۽ جاري سڌارن بابت ڳالهيون ٿيون.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومتي ڪوششن سان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام سٺو سنوڻ آهي، زراعت جي سيڪٽڙ ۾ ڪجهه جدت آئي آهي، موسمياتي تبديلي کي ڪنهن ٻي طريقي سان ڏسڻو آهي.
هن چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا ڪليئر آهي ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، سندن ڪم پاليسي فريم ورڪ ڏيڻ آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت وٽ ايتري گنجائش ناهي ته سڀ ڪجهه پاڻ ڪري، سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، انشورنس سيڪٽر هڪ سٺي موڙ تي آهي، جيڪو به هڪ سال ۾ حاصل ڪيو اهو سڀني جي اڳيان آهن، هاڪاري حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.- Advertisement -
