- Advertisement -
ورلڊڪپ جي ميچ ۾ آسٽريليا، افغانستان کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، گلين ميڪس ويل ڪيئرير ۽ ورلڊڪپ جي شاندار ڊبل سنچري هڻي افغان ٽيم جي يقيني فتح شڪست ۾ تبديل ڪري ڇڏي.
ممبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغان ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽيم مقرر اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 291 رنسون ٺاهيون.
افغان ٽيم طرفان ابراهيم زدران ٽن ڇڪن ۽ اٺن چوڪن جي مدد سان شاندار سنچري هئي، 129 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو.
ٻين رانديگرن ۾ راشد خان 35، رحمت شاهه 30، هشمت الله شاهدي 26، عظمت الله 22 رنسون ٺاهيون.
افغانستان طرفان مليل 292 رنسن جو حدف حاصل ڪرڻ لاءِ آسٽريلين ٽيم بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته رڳو چئن رنسن تي هِيڊ کاتو کولڻ کانسواءِ ئي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد وارنر، مچل مارش ۽ لبوشين ۽ انگلسِ آئوٽ ٿي ويا ۽ رڳو 91 جي مجموعي اسڪور تي ڪينگروز ٽيم جا ست رانديگر آئوٽ ٿي ويا.
ست رانديگرن آئوٽ ٿيڻ بعد ڪپتان پيٽ ڪمنز، گلين ميڪس ويل جو ساٿ ڏيڻ آيو، ٻنهي رانديگرن ذميواريءَ سان بيٽنگ ڪندي اسڪور اڳتي وڌايو.
گلين مڪسويل گرائونڊ جي چئني اسٽروڪ کيڏي افغان بالرن جون متيون منجهائي ڇڏيون.
ميڪس ويل ستن چوڪن جي مدد سان 51 بالن تي ففٽي هنئي، جڏهن ته 10 چوڪا ۽ 3 ڇڪا هڻي سنچري پوري ڪئي.
اهو موقعو اهڙو آيو جو ميڪسويل جي ڄنگهه مان سَٽَ نڪري وئي ۽ هو منڊڪائي ڪري پيو، پر بعد ۾ هن کيڏڻ جو فيصلو ڪيو.
گلين ميڪسويل ان فٽ هجڻ باوجود گرائونڊ جي چئني پاسي ڇڪا ۽ چوڪا هڻي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪپتان پيٽ ڪمنز سندس شاندار ساٿ ڏيندي ورلڊڪپ جي رڪارڊ 202 رنسن جي ڀائيواري ڪئي ۽ افغان ٽيم کان فتح کسي ورتي.
ميڪسويل 47هين اوور ۾ ٽي ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هڻي نه رڳو ڪيئرير ۽ ورلڊڪپ جي پهرين ڊبل سنچري مڪمل ڪئي پر ٽيم کي فتح ڏياري، سندس اننگز ۾ 10 ڇڪا ۽ 21 چوڪا شامل هئا.
شاندار ڊبل سنچري تي ميڪسويل کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو………..- Advertisement -
