- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، ايِ پروڪيورمنٽ منصوبي تي ڪم جي معيار ۽ پراسيس مڪمل نه ٿيڻ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اليڪٽرانڪ پروڪيورمنٽ بابت الجاس ٿيو، جنهن ۾ هن ٻه ارب کان وڌيڪ سمورن ترقياتي منصوبن جي ٿرڊ پارٽيءَ ڊيليڊيشن جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت سمورن قسمن جي خريدارن بابت شفاف طريقو لاڳو ڪري رهي آهي، شڪايتن جي حل جي نظام کي پروڪيورنگ ايجنسي جي ماتحت نه هجڻ گهرجي.
شهبازشريف پروڪيورمينٽ جي عمل بابت شڪايتن جي حل لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پروڪيورمينٽ بابت شڪايتن جي حل جي نظام لاءِ قائدن ۽ ضابطن ۾ ترميم ڪئي وڃي.
اجلاس جي پڌرائي موجب وزيراعظم ايِ پروڪيورمنٽ منصوبي تي ڪم جي معيار ۽ پراسيس مڪمل نه ٿيڻ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو.
پڌرنامي موجب وزيراعظم ايَ پروڪيورمينٽ بابت هڪ مهيني ۾ منصوبي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.- Advertisement -
