- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ملاقات ڪئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف کي محسن نقوي پنهنجي تازي آمريڪا جي دوري ۽ ان دوران اهم آمريڪي اختيارين، ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات بابت آگاهه ڪيو.
ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وزيراعظم شهباز شريف کي آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ڪرائڻ جي تيارين بابت به آگاهي ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف، محسن نقوي سميت بورڊ جي سموري ٽيم جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم ڪم جي رفتار جي ساراهه ڪئي.
ملاقات ۾ محسن نقوي وزيراعظم کي انساني سمگلنگ ۾ ملوث ٽولن خلاف آپريشن بابت اڳڀرائي ۽ تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بابت وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني.- Advertisement -
