تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ پاران نصر الله گڏاڻي قتل مان نالا خارج ڪرڻ وارو فيصلو معطل

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي قتل مان پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، سندس ٻن پٽن شهباز ۽ نور محمد لنڊ جا نالا خارج ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 فيبروري تي طلب ڪري ورتو. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا نالا ايف آءِ آر مان خارج ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل صلاح الدين پنهور موقف اختيار چيو ته 15 جنوري تي جاچ آفيسر جي رپورٽ تي عدالت ايم اين اي خالد لنڊ، سندس ٻن پٽن شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا نالا خارج ڪيا هئا. هن چيو ته خالد لنڊ حڪومتي پارٽي جو ايم اين اي آهي، هن پنهنجي مرضي سان ڪيس جي جاچ ڪرائي آهي. وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته ڪيس جي اڳوڻي جاچ آفيسر ڊي ايس پي سراج لاشاري شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا جڏهن ته فريادي جي درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم اين اي خالد لنڊ جو نالو به ڪيس ۾ شامل ڪيو هو. وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته ميرپورماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي آءِ ٽي سربراهه ايس ايس پي تنوير تنيو جي جاچ رپورٽ بعد ايم اين اي خالد احمد لنڊ، سندس پٽ شهباز ۽ نور محمد لنڊ جا نالا ڪيس مان خارج ڪيا هئا. عدالت صحافي نصر الله گڏاڻي قتل مان پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، سندس ٻن پٽن شهباز ۽ نور محمد لنڊ جا نالا خارج ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 فيبروري تي طلب ڪري ورتو. ڪيس ۾ اصغر لنڊ گرفتار، عبدالله لنڊ ضمانت تي آزاد ۽ برڪت لنڊ روپوش آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون