- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف،اسلام آباد پوليس جي پگهار پنجاب پوليس برابر ڪرڻ جو اعلان ڪري ورتو، سندس چوڻ آهي ته اسلام آباد پوليس جنوني جٿي جو لاش ڪيرائڻ وارو منصوبو ناڪام بڻايو، تازو هڪ صوبي طرفان وفاق تي ڪاهه ڪئي وئي، جيڪو غير آئيني ۽ غير قانوني قدم هو، هڪ طرف ملڪي ترقي ۽ ٻئي پاسي وڳوڙي جٿا وفاق تي چڙهائي ڪري رهيا آهن وڳوڙين 2014ع ۾ ڊي چوڪ تي 7 مهينا وڳوڙ جاري رکيو، جنهن سان ملڪي معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان پهتو.
اسلام آباد پوليس لائنز هيڊڪوارٽرز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڌرڻن جي سياست جي شروعات 2014ع کان ٿي، ڊي چوڪ ۾ وڳوڙين ڌرڻا هنيا ۽ اتي قبرون کوٽيون.
هن چيو ته 2014ع ۾ چيني صدر پاڪستان جي دوري تي اچڻو هو پر وڳوڙين جي احتجاج سبب کيس دورو ملتوي ڪرڻو پيو، ڌرڻن جي سياست ملڪي معيشت کي اربين ڊالر نقصان پهچايو.
وزيراعظم چيو ته تازو هڪ صوبي طرفان وفاق تي ڪاهه ڪئي وئي، جيڪو غير آئيني ۽ غير قانوني قدم هو، هڪ طرف ملڪي ترقي ۽ ٻئي پاسي وڳوڙي جٿا وفاق تي چڙهائي ڪري رهيا آهن، پئٽرول بم ۽ گارگند هنن جي عادت بڻجي چڪي آهي.
شهبازشريف چيو ته وڳوڙين جي خواهش هئي ته لاش ڪرن ۽ اها باهه سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وڃي، پر اسلام آباد پوليس ۽ رينجرز اهڙيون سموريون سازشون ناڪام بڻائي ڇڏيون.
وزيراعظم چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان پوليس ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، جيڪڏهن خيبرپختونخوا کي وفاق جي ڪا به مدد گهرجي ته هو ان لاءِ حاضر آهن.
شهبازشريف خطاب دوران اسلام آباد پوليس جون پگهارون پنجاب پوليس برابر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس آفيسرن کي ايگزيڪيٽو الائونس ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته سيف سٽي کي سمارٽ سٽي بڻائڻ لاءِ سندس ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، پوليس کي ميڊل ڏيڻ وارو منصوبو به بحال ڪيو ويو آهي.
شهبازشريف، گهرو وزارت کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اسلام آباد پوليس ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي کوٽ آهي ته فوري طور ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن.- Advertisement -
