تازه ترين

وزيراعظم شهبازشريف، هڪ ڀيرو وري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو نوبل انعام ڏيڻ جي درخواست ڪئي

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، هڪ ڀيرو وري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو نوبل انعام ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ امن معاهدي تي صحين بعد پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خاص طور وزيراعظم شهبازشريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جا ٿورا پڻ مڃيا. سندس چوڻ هو ته هو وزيراعظم شهبازشريف کي چوندو ته سندس فيورٽ فيلڊ مارشل عاصم منير جيڪو هتي موجود ناهي ان جا به ٿورا مڃي ٿو، جنهن کانپوءِ آمريڪي صدر وزيراعظم کي خطاب لاءِ گهرايو. پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي شهبازشريف ڊونلڊ ٽرمپ کي مين آف پِيس قرار ڏنو ۽ چيو ته آمريڪي صدر امن جو  حقيقي علمبردار آهي. هن چيو ته امن جي حاصلات لاءِ اڄوڪو ڏينهن تاريخي آهي، آمريڪي صدر جي ڪوششن سان ڏکڻ ايشيا ۾ امن ممڪن ٿيو، پاڪستان امن جي نوبل انعام لاءِ صدر ٽرمپ کي نامزد ڪيو. شهبازشريف چيو ته سخت محنت کانپوءِ غزا ۾ امن لاءِ ڪاميابي ملي، معاهدي سان اتي لکين جانيون محفوظ ٿيون آهن. وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ دنيا ۾ امن لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، سندس اهي خدمتون ساراهه  جوڳيون آهن. ان کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سميت مختلف عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. شهبازشريف، ڪانفرنس سان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي گرمي جوشيءَ سان هٿ ملايو ۽ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ڪئي. شرم الشيخ ڪانگريسن سينٽر پهچڻ تي مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. شهبازشريف فلسطين، آذربائيجان ۽ انڊونيشيا سان صدر سان ملاقات پڻ ڪئي. وزيراعظم ڪئي، اردن، آرمينيا، بحرين، جرمني، اسپين  ۽  اٽلي سربراهن سان به ملاقات ڪئي جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سعودي  پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحمان آل سعود سان به مليو……………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
37 %
2.2kmh
7 %
آچر
22 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون