- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف، تاجڪستان جو دورو مڪمل ڪري قازقستان جي شهر آستانه پهچي ويو.
ايئرپورٽ پهچڻ تي قازقستان جي وزيراعظم ، شهباز شريف جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم آستانه ۾ شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندو.
تاجڪستان کان روانگي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف تاجڪستان جي وزيراعظم سان ملاقات ڪري گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف تاجڪ پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي چيئرمين سان به ملاقات ڪئي.- Advertisement -
