- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف، صادق خان کي لنڊن جو ٽيون ڀيرو ميئر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن.
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هو لڳاتار ٽيون ڀيرو لنڊن جو ميئر چونڊجڻ تي صادق خان کي مبارڪ پيش ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته هڪ محنتي پاڪستاني ڄائي برطانوي جي پٽ هر پاڪستاني جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٽيون ڀيرو لنڊن جو ميئر چونڊجڻ صادق خان جي قابليت ۽ عوامي خدمت جو ثبوت آهي.
شهباز شريف چيو ته هو مستقبل ۾ صادق خان جي وڌيڪ ڪاميابين لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪن ٿا…….- Advertisement -
