- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ائٽمي پروگرام بابت آمريڪي پابندين کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ميزائل پروگرام دفاع لاءِ آهي، آمريڪي پابندين جو ڪو به جواز ناهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ائٽمي پروگرام تي ڪنهن به قسم جون پابنديون برداشت نه ڪيون وينديون.
هن چيو ته پاڪستان پنهنجو دفاع مضبوط ڪندو رهندو، دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جي هڪ حملي ۾ 17 جوان شهيد ٿيا، دهشتگردن سان ڄمي مقابلو ڪيو پيو وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو مقصد ذاتي مفافدن کي قومي مفادن جي ماتحت ڪرڻ آهي.
هن چيو ته قومي مفاد سامهون رکي ڳالهيون ٿيون ته قومي ٻڌيءَ ۾ اضافو ٿيندو، ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ سان معيشيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي………..- Advertisement -
