تازه ترين

ڪنهن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪنهن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي، فوجي ٿاڪن تي حملو ٿيندو ته ڪيس فوجي عدالتن ۾ ئي هلندو، نو مئي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڀوڳڻي پوندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مخالف ڌر طرفان ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جو قدم ساراهه جوڳو آهي، هر مسئلي جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي، فوجي ٿاڪن تي حملو ٿيو ته ڪيس فوجي عدالتن ۾ ئي هلندو. سندس چوڻ هو ته نو واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ضرور ملندي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  پنهنجي روين ۽ حڪمراني ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. هن چيو ته سنڌ سرڪار سيڙپڪاري لاءِ نئون سرپرائيز ڏيندي، اعلان جلد ٿيندو. سندس چوڻ هو ته  حڪومت ويزا پاليسي ۾ نرمي ڪئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ڪاروبار ۽ رهائش جي سهولت ڏني ويندي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چين سميت ڏهن ملڪن جي سيڙپڪارن جا وفد سنڌ جي دوري تي آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، واپارين کي سهولتون ڏيڻ سان سندن اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته وفاقي ۽ سنڌ سرڪار جي اوليت آهي ته هر شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي معاشي استحڪام ۾ ايس آءِ ايف سي جو ڪردار اهم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
61 %
3.2kmh
18 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
27 °
آچر
27 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون