- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خاص دعوت تي شرم الشيخ پهچي ويو آهي.
شرم الشيخ پهچڻ تي مصري يوٿ ۽ اسپورٽس واري وزير ڊاڪٽر اشرف صبيحي، مصر ۾ پاڪستاني سفير عامر شوڪت ۽ ٻين وزيراعظم شهباز شريف جو آڌرڀاءُ ڪيو.
وزيراعظم شرم الشيخ ۾ ڪوٺايل غزه جنگ بندي لاءِ شرم الشيخ امن سربراهي ڪانفرنس اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ به وزيراعظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مصري صدر عبدالفتاح السيسي، قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني، ترڪيه صدر رجب طيب اردگان ۽ ٻين عالمي اڳواڻن جي موجودگي ۾ غزه امن معاهدي تي صحي جي تقريب واري خاص طور تي شرڪت ڪندو….- Advertisement -
